اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولن??ي چيو آهي ته ??شميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي منتظر آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجو واعدو پورو ڪري، پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پ??هنجي پ??غام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??نٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ خودمختياري جي حق جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄ جي ئي ڏينهن قرارداد جي ذريعي ڪشميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته اها پنهنجي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري ??گه?? ٿي. اڄ ڪشميري عوام سان ڪيل ان واعدي کي 75 سال گذري ويا پر افسوس جو اهو واعدو اڄ تائين پورو نه ٿي ??گه??و. مرتضيٰ سولن??ي چيو ته ??ڏيل قومن کي ڪشميري عوام سان ڪيل واعدي جو احترام ڪندي انهن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??مون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجو واعدو پورو ڪري. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگرانو فاقي وزير چيو ته ??ارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پ??هنجو قبضو مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڪراري علائقي جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جو ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ان رخ ۾ تازه ترين قدم آهي. هن چيو ته ??ارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حدبندي مذهب جي بنياد تي ت??دي?? ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.