بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي گنڌارا ثقاف??ي نوادرات تي ٻڌل 3 مهينن جي ڊگهي گڏيل نمائش چين جي شهر شينزن جي ميوزيم آف هسٽري اينڊ فوڪ ڪلچر ۾ جاري آهي، ان جو مقصد گنڌارا ثقافت جي دلڪشي ۽ چين ۽ او??ر ايشيا تي ان جي گهرن اثرن کي پيش ڪرڻ آهي. چيني ويب سائيٽ چ??ئنا اڪنامڪ نيٽ (سي اي اين) موجب شينزن ميوزم، پاڪستان جي آثار قديمه ۽ عجائب گهر جي کاتي ۽ چين جي پيلس ميوزم جي انتظام هيٺ گنڌارا هيريٽيج الانگ دا سلڪ روڊ جي عنوان سان نمائش 24 مارچ 2024ع تائين جاري رهندي. نمائش ۾ مجموعي طور تي 203 ثقاف??ي نوادرات پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڪستان جي ست عجائب گهرن جا 173 ۽ پيلس ميوزم جا 30 نمونا شامل آهن. پاڪستان کان آيل نمونا بنيادي طور تي آثار قديمه جي کوٽائي مان حاصل ٿيا آهن جن ۾ ٻڌ مت جا مجسما، گنڌارا جي پٿر جي ڪم جا تعميراتي جزا ۽ سون ۽ چاندي جون مختلف شيون شامل آهن، جيڪي گنڌارا آرٽ جي انداز کي ظاهر ڪن ٿيون. پيلس ميوزم کان ٻ?? مت جا مجسما بنيادي طور تي ق??يم گنڌارا جي علائقي سان تعلق رکن ٿا ۽ ق??يم شاهراهه ريشم جي ذريعي تبت جي محلن ۾ داخل ٿيا، هي چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ثقافتي ۽ فني مٽاسٽا جي ڊگهي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿا.