اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ملڪ ج?? بقاءَ جي لا??ِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ رزمڪ، اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ٻن جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن شهيد لانس نائيڪ احسان بادشاهه ۽ شهيد لانس نائيڪ ساجد حسين جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوارن جي لا??ِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ملڪ ج?? بقاءَ جي لا??ِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. نگر??ن وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي.