لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسپتالن ۾ نئين بيڊز جي فراهم?? لاءِ مقامي صنعت جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ ميو اسپتال ويو ۽ ميو اسپتال جي ايمرجنسي بلاڪ جي نئين سر تعمير جو جائزو ورتو. نگرا?? وزيراعظم جاري تعميراتي ڪمن ۽ ايمرجنسي بلاڪ ۾ ٺاهيل نر??نگ ڪائونٽر ۽ ڪنسلٽنٽ روم جو معائنو ڪيو. نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي جي قيادت ۾ اسپتالن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي پروگرام کي ساراهيو. هن تعميرات ۽ مواصلات واري کاتي ج?? لاڳاپيل آفيسرن کي انهن جي ڪارڪردگي تي ساراهيو. نگرا?? وزيراعظم چيو ته اسپتالن ۾ نئين بيڊز جي فراهمي ج?? لاءِ مقامي صنعت جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگرا?? وزيراعظم ميو اسپتال جي سرجيڪل ٽاور ۾ سينٽرل جيل ڪوٽ لکپت مان اکين جي علاج ج?? لاءِ آيل قيدين جي عيادت پڻ ڪئي. نگرا?? وزيراعظم ميو اسپتال جي ريڊنگ روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ ريڊنگ روم ۾ مطالعي ج?? لاءِ ف??اهم ڪيل سهولتن کي ساراهيو.