اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ هڪ اتفاق راءِ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشم??ر ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو ويو آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشم??ر ۾ ڀارتي غاصباڻي قبضي جي مناسبت سان ڪاري ڏينهن جي موقعي تي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشم??ر ۾ بي رحماڻي ڀارتي دهشتگردي، ڀارتي فورسز جي هٿان ۽ بيگناهه ڪشميرين جي قتل عام ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي شديد مذمت ڪر?? ٿو. قرارداد ۾ اهو پڻ چيو ويو ته هي ايوان انساني حقن واري ڪميشن کان م??البو ڪر?? ٿو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشم??ر ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي جائزي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙيو وڃي. والاريل وادي ۾ ڀارت طرفان جعلي چونڊن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هي ايوان م??البو ڪر?? ٿو ته ڪشميرين کي سندن امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان راءِ جو حق ڏنو وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪر?? ٿو. ان کانپوءِ سينيٽ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ان ٺهراءُ جي ڪاپي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ملڪن جي پارليامينٽن ڏانهن موڪلي وڃي.