اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ فلسطين جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اسرائيل جي هٿان انڌاڌنڌ قتلام جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن عالمي برا??ري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل جي بربريت ۽ ان جي غيرمتناسب ردعمل ۾ هزارين بيگناهه ماڻهن جي شهادت جي مذمت ڪر??. صدر فوري جنگبندي ۽ خوراڪ، بجلي ۽ پاڻي کان محروم ماڻهن تائين امداد موڪلڻ جي لاءِ هڪ انساني لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ م??جب صدر اسلام آباد ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد ربيع سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين فلسطين سان ??ڏ بيٺل رهندو ۽ رڳو اهو ئي قبول ڪندو جيڪو فلسطينين جي لاءِ قابل قبول هجي. ان موقعي تي صدر چيو ته گڏيل قومن کي فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلمن تي بحث ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪر??. هن چيو ته اهڙي طرح جي وحشياڻي قدمن سان نفرت جا وڌيڪ امڪان پيدا ٿين ٿا جنهن سان وڌيڪ جنگيون شروع ٿين ٿيون، او آءِ سي کي فلسطين جي حمايت ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستاني عوام پاران اسان غزه ۾ ٿيندڙ بربريت، اسرائيل جي غيرمتناسب ردعمل ۽ گذريل 30 – 40 سالن کان نسلي فرق جي مذمت ڪر??ون ٿا. هن چيو ته اسان مذمت ڪر??ون ٿا ته ماڻهن کي بيدرديءَ سان ماريو پيو وڃي، غزه جي اسپتال تي بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا، اهو سڀ ڪجهه وڌيڪ تلخي پيدا ڪر?? ٿو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگ اصل ۾ امن جي ڪنهن به امڪان کي مڪمل طور تي تباهه ڪر?? ڇڏي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام کي پرامن ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کان روڪڻ جي لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن، اهڙيون رڪاوٽون ڪڏهن به قائم ناهن رهنديون، عوام انهن کي ختم ڪر?? ڇڏيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين ٻه رياستي حل کي روڪيو ويندو، ماڻهو ردعمل ظاهر ڪندا رهندا. فلسطيني سفير هن مشڪل وقت ۾ فلسطين جي سفارتخاني جو دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن غزه ۾ اسرائيل جي قدمن کي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي قرار ڏنو. ان کان اڳ صدر فلسطيني سفارتخاني ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا ۽ فلسطيني عوام ۽ وحشياڻي اسرائيلي حملن ۾ پنهنجون جانيون وڃائيندڙ شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.