بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ پاران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان ??وجب نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ پاران ??ئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گريٽ هال آف پيپلز پهتو جتي چيني صدر شي جن پنگ ۽ خاتون اول پانگ لي يوان ??گران ??زيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران ??فاقي ڪابينا جي وزيرن پڻ نگران ??زيراعظم سان گڏ آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. گريٽ هال آف پيپلز ۾ ??نع??د ان آجياڻي ۾ روس، ڪينيا، ايٿوپيا، منگوليا، هنگري، سريلنڪا، قزاقستان، ازبڪستان، پاپوا نيوگني، موزمبيق، چلي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نگران ??زيراعظم آجياڻي ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ڪيون.