ڪوئيٽا – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي نگران وڏي وزير سردار علي مردان خان ڊومڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وڏي وزير نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ جي لاءِ منعقد ٿيندڙ ايپڪس ڪميٽي جي 14 هين اجلاس بابت بريفنگ ڏني. نگران وڏي وزير نگران وزيراعظم کي بلوچست??ن صوبي ۾ امن امان جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ گهرو معاملن وارو نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي پڻ موجود هو.