اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامن، فلم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ض??ور?? تي زور ڏيندي ??يو آهي ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪستان ترڪيه سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر ترڪ سفير مهمت پچاجي سان ڳالهائيندي ??ئي. ملاقات ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي ??رو?? ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ترڪيه ۾ تازي بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ??يو ته دهشتگردي جو درد اسان محسوس ڪيو آهي، ترڪيه به ان درد ۾ ورتل آهي، اسان مضبوط ملڪ آهيون، دهشتگردي جا و??قعا اسان کي هڪ قوم طور ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ض??ور?? تي زور ڏنو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ترڪ ڊراما پاڪستان ۾ تمام گهڻا مقبول آهن، ترڪيه سان گڏجي فلمون ٺاهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ترڪيه جا فلمساز پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي شعبي ۾ ٽيڪس مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. پاڪستان جا اتريان علائقا قدرتي حسن سان مالامال آهن. ترڪيه جا فلمساز انهن خوبصورت سياحتي علائقن ۾ فلمبندي ??ري سگهن ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ض??ور?? آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي پنهنجي ثقافت کي ??رو?? ڏين. ان ڏس ۾ پاڪ چائنا سينٽر ۾ گڏيل فلمون پڻ ڏيکاري سگهجن ٿيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي ترڪ سفير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود آهي. اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ ترڪ فلمون به کڻي اچون. هن چيو ته جمهوريه ترڪيه پنهنجي 100 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان سان گڏجي انهن تقريبن کي يادگار بڻايون. ترڪ سفير علائقائي تعاون ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جي دلچسپي کي به ساراهيو.