اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ پاور ڊويزن واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو وڏو فرق 400 يونٽ کان وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين تي لاڳو آهي، 63.5 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صارفين لاءِ ٽيرف ۾ ڪو به اضافو ناهي ڪيو ويو، 31.6 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ?? 3 روپين کان 6.5 روپيا في يونٽ اضافو ٿيو جڏهن ته 4.9 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صارفين لاءِ ٽيرف ۾ 7.5 روپيا في يونٽ اضافو ٿيو، اهڙي طرح ڊوميسٽڪ صارفين لاءِ سراسري ٽيرف ۾ 3.82 روپين جو اضافو ٿيو. اها ڳالهه اينڪرز ۽ بيورو چيفس کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌائي وئي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري عوام مشڪل صورتحال ۾ ورتل آهي، نگران وزيراعظم اڄ آچر ڏينهن بجلي جي قيمتن جي حوالي سان ??عليٰ سطحي اجلاس طلب ڪيو آهي، اجلاس ۾ پاور سيڪٽر سان ??علق رکندڙ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي دعوت ڏني وئي آهي، پاور ڊويزن واري وفاقي سيڪريٽري بريفنگ دوران ٻڌايو ته صارف لاءِ بجلي جي ٽيرف جو تعين نيپرا ڪندي آهي، ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جو تعين نون پاور پلانٽس لاءِ آهي، هن چيو ته ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس تحت بجلي جي قيمتن ۾ ڦير ڦار ٿيندي آهي. KIBOR وڌڻ سان ??ه ٽيرف ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي آهي، ان کانسواءِ فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ سبب به بجلي جي قيمتن ۾ فرق ايندو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ صارف مئي ۾ 300 يونٽ بجلي استعمال ڪري ٿو ته ان ??و فرق جولاءِ جي بل ۾ لڳي ايندو آهي، هن ٻڌايو ته مالي سال 2023ع ۾ اسان 195 روپيا ڊالر ريٽ موجب اگهه نوٽيفائي ڪيا جڏهن ته ان وقت ڊال?? جي ق??مت 284 روپين تائين وئي، اسان ??ر ايل اين جي جي ق??مت 3183 ايم ايم بي ٽي يو روپيا مقرر ڪرڻ جو پلان ??ڻايو جڏهن ته آر ايل اين جي جي ق??مت 3 هزار کان 3800 جي وچ ۾ رهي، اهڙي طرح ٻاهران گهرايل ڪوئلي جي ق??مت به 51 هزار کان 61 هزار روپيا في ميٽرڪ ٽن رهي. هن چيو ته ايندڙ سال اسان کي 2 ٽريلين روپيا صرف ڪيپيسٽي پيمنٽس جي مد ۾ ادائيگيون ڪرڻيون آهن، هن چيو ته جولاءِ 2022ع ۾ وڌ کان وڌ بجلي جو ٽيرف 31.02 روپيا في يونٽ هو ۽ آگسٽ 2023ع ۾ 33.89 روپيا في يونٽ بجلي جي ق??مت آهي، هڪ سوال تي وفاقي سيڪريٽري چيو ته ڊسڪوز جي آفيسرن کي فراهم ڪيل بجلي جا مفت يونٽ ختم ڪري رهيا آهيون، واپڊا جي پراڻي ملازمن کانسواءِ ڪنهن کاتي ۾ بجلي جي بلن ۾ رعايت نه پئي ڏني وڃي، هن وقت اها رعايت ڊسڪوز جي ملازمن کي ملي رهي آهي، هن چيو ته ائين ناهي ته سمورو بار بجلي جو بل ادا ڪندڙن تي وڌو پيو وڃي.