اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي من??ي اثرن کان محفوظ رهڻ جي لاءِ موثر قدم لازمي آهن، گئسن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کان متاثر ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي قومي جذبي سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسلامي تعليم سان اسان کي حقوق العباد، حقوق الله ۽ نباتات جي حقن جو درس ملي ٿو، انهن نعمتن جي قدر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو، آلودگي ۽ ماحول کي متاثر ڪندڙ ٻين عملن سان من??ي اثر پيدا ٿين ٿا جنهن جو نتيجو ڪڏهن اسان ٻوڏ، ڪڏهن زلزلي يا ڪڏهن ٻين قدرتي آفتن جي صورت ۾ ڏسون ٿا. وزيراعظم چيو ته گئسن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود گذريل سال ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو، اسان کي موسمياتي تبديلي جي مسئلن ۽ من??ي اثرن کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبي تحت ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ ٻين ڌرين کي موسمياتي تبديلي جي مسئلي جي حل کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو پوندو، سرڪاري اد??رن ۽ ٻين رياستي اد??رن کي به ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي اسا?? ته ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين پر جيستائين وسيلن جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلي جي من??ي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ٻين قدمن جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.