اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ن??جو??ن قوم جو مستقبل ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، دل چاهي ٿي ته هر ٻار وٽ ليپ ٽاپ هجي ۽ هڪ لک نه هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپس ورهايان، ن??جو??نن تي سي??پڪاري کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ليپ ٽاپس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون شزه فاطمه، عطا تارڙ، ملڪ احمد خان کانسواءِ ايڇ اي سي جي چيئرمين، استادن، والدين ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ پڻ م??جو?? هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون خادم پنجاب هئس ته ن??جو??نن ۾ لکين ليپ ٽاپس ورهايا. پنجاب ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ سان بي شمار شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو انهن مان ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اڄ ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ ڪامياب پ??وفيشنلز بڻجي چڪا آهن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ ڏينهن لاهور ۾ هڪ ٻارڙي ليپ ٽاپ وٺندي مون کي ٻڌايو ته ان جا والدين هند نيا ۾ نه آهن پر هو ڊاڪٽر بڻجڻ چاهي ٿي. وزيراعظم چيو ته قوم جي روشن مستقبل جي ڪُنجي ن??جو??نن جي هٿ ۾ آهي. منهنجي دل چاهي ٿي ته هر ن??جو??ن جي هٿ ۾ ليپ ٽاپ ڏيان. ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا آئي ته درسگاهون بند ٿي ويون. اهي ليپ ٽاپ ئي هئا جيڪي ن??جو??نن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ ڪامياب پ??وفيشنل بڻجڻ جو ذريعو بڻيا. جديد دور جي گهرجن موجب قوم جي هر ٻار جنهن وٽ علم آهي ۽ محنت ڪرڻ چاهي ٿو ان کي پنهنجو پيٽ ڪاٽي ليپ ٽاپ فراهم ڪنداسين. اهي ليپ ٽاپ لکين ن??جو??نن کي روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻ جو ذريعو به بڻيا آهن. ايندڙ هڪ سال دوران ن??جو??نن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، ان جي لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکي وئي آهي. اهي ليپ ٽاپ ڪنهن سفارش تي نه پر نج ميرٽ تي ملندا. وزيراعظم چيو ته ن??جو??نن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان کانسواءِ ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ ن??جو??نن کي به 5 ارب رپين جا زرعي قرض فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته ن??جو??نن جي محنت رنگ آڻيندي ۽ اسان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڙيسري ملڪ کي به پٺتي ڇڏينداسين ۽ پاڪستان کي ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارينداسين. هن چيو ته منهنجو وس هلي ته هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ ن??جو??نن ۾ ورهايان ڇو ته اهي ئي ليپ ٽاپ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻجندا. وزيراعظم ??وئ??ڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پوري قوم دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي لاءِ احتجاج ڪري رهي آهي ته ڪو به مسلمان قرآن مجيد جي بي حرمتي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ان کان اڳ وزيراعظم ڦيٿو ڪاٽي پوري پاڪستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ جي پروگرام جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم تقريب ۾ شريڪ مختلف يونيورسٽين جي نمايان تعليمي قابليت جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پاڻ ليپ ورهايا.