اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽس يونيورسٽي پاران داخلا ملتوي ??رڻ جي خلاف شاگرد جي اپيل من??ور ڪندي يونيورسٽي کي شاگرد کي ڊگري مڪمل ??رڻ جو موقعو ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ص??ر چيو ته ڪامسٽس يونيورسٽي شاگرد کي ڊگري مڪمل ??رڻ جو موقعو ڏي. يونيورسٽي 7 سيمسٽر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شاگرد جي داخلا ملتوي ڪري ڇڏي هئي. تفصيل موجب حماد بن زين جي داخلا 2017ع ۾ گهٽ نمبر حاصل ??رڻ جي بنياد تي ساڍا 3 سالن کانپوءِ ملتوي ڪئي وئي. ص??ر چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته يونيورسٽي ايتري وڏي غلطي ڪئي، حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ساڍا 3 سالن کانپوءِ شاگرد کي ٻڌايو ته هو داخلا جو اهل نه آهي. ص??ر چيو ته شاگرد 8 سيمسٽرن جي فيس ادا ڪئي ۽ 7 سيمسٽر مڪمل ڪيا، شاگرد جي غلطي نه هجڻ جي باوجود ان جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انصاف جي گهرج آهي ته شاگرد کي ڊگري پروگرام مڪمل ??رڻ جي اجازت ڏني وڃي. تفصيل موجب حماد بن زين (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب کي ڪامسٽس جي خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي، شاگرد موقف اختيار ڪيو ته اهليت جو معيار جانچڻ يونيورسٽي جي ذميواري آهي. شاگرد جو موقف هو ته جيڪڏهن هو گهربل معيار تي پورو نه لهندو هو ته 2017ع ۾ ان کي داخلا ئي نه ڏيڻ گهرجي ها. وفاقي محتسب يونيورسٽي کي رڳو معاملي جي انڪوائري ??رڻ ۽ قصوروار اهلڪارن کي غلفت جو ذميوار قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ريليف نه ملڻ تي شاگرد وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جنهن تي صدر شاگرد جي اپيل من??ور ڪندي وفاقي محتسب جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. ص??ر چيو ته شاگرد پنهنجي ڊگري پروگرام جا ساڍا 3 سال مڪمل ڪري چڪو آهي، شاگرد تي غلط بياني جو ڪو الزام نه آهي، ان کي يونيورسٽي انتظاميا جي غف??ت جو خميازو ڀوڳڻ نه گهرجي، داخلا ملتوي ٿيڻ سان شاگرد جو وقت، پئسو ۽ محنت ضايع ٿيندي. هن چيو ته يونيورسٽي حماد بن زين جي داخلا بحال ڪري، محتسب کي تعميل جي رپورٽ ڏي.