اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چي??رمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڳالهين جي سياست تي ??قين رکي ٿي، ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊن جا حا??ي آهيون، هڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صوبن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان اتحادي پارٽيون پارليامينٽ جي فيصلي سان گڏ بيٺل آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ??يڻ گهرجن، عدالتي حڪم جي باوجود عمران خان جي دور ۾ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون نه ڪرايون ويون. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته چونڊون پنهنجي وقت تي ??يڻ گهرجن، اسان ڪالهه به ون يونٽ جي خلاف هئاسين اڄ به آهيون. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته هڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صوبن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿينديون.