اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل ق??من جي متحرڪ ميمبر جي حيثيت سان عالمي فورمز تي ڪم جاري رکندو. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ گڏيل ق??من جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان گڏيل ق??من جو هڪ متحرڪ ميمبر ملڪ آهي، ملڪ ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران گڏيل ق??من پاران مدد ساراهه جوڳي آهي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون سميت انساني امداد تي پڻ ڳ??لهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ گڏيل ق??من جي ڪردار کي ساراهيو.