اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته عمران خان پاڪستان جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهي ٿو، سندس گرفتاري سان حڪو??ت جو ڪو تعلق نه آهي، نه ئي ان جي گرفتاري جو چونڊن ۾ دير سان ڪو تعلق آهي. عالمي نشرياتي اداري ”اسڪائي نيوز“ سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان قانون سان تعاون ڪرڻ بدران مسلسل قانون شڪني ڪري رهي?? آهي، ??ول??س رڳو عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، ??ن تي ڪرپشن جا ڪيس آهن ۽ ان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ?? آهي. هن چيو ته ??ول??س وٽ ڪنهن به قسم جو ڪو اسلحو نه آهي، ??ول??س عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي جتي ??ول??س تي بمن سان مسلسل حملا ٿي رهيا آهن. هن وقت تائين ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور سميت 65 ??ول??س اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن. هن چيو ته عدالت پاران جاري وارنٽ گرفتاري تي ??ول??س اسلحي کانسواءِ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي، ??مران خان کي ذميواري کان ڪم وٺڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهي?? آهي، ??مران خان چوي ٿو ته کيس سيڪيورٽي خطرا آهن ۽ انهي لمحي چوي ٿو ته هو سياسي جلسو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، ??ڏهن عدالت کيس ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ جو چوي ٿي ته عمران خان سيڪيورٽي خطرن جو بهانو بڻائي ٿو. هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه، سول وار ۽ افراتفري چاهي ٿو، هو ماڻهن کي تشدد جي لاءِ ڀڙڪائي رهي?? آهي، ??ول??س جڏهن عمران خان کي گرفتار ڪرڻ اچي ٿي ته هو عورتن ۽ ٻارن کي ??ول??س آڏو بيهاري ڇڏي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي موجوده خراب معاشي صورتحال جو ذميوار عمران خان آهي، ??مران خان ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو پهچايو، عمران خان مارچ 2022ع ۾ پنهنجي صحيح ڪيل آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته عمران خان جا گرفتاري وارنٽ ان جي خلاف ڪرپشن جي ڪيسن ۾ جاري ٿيا آهن، عمران خان پنهنجي چار سالن ۾ پنهنجي سياسي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، انهن کي جيلن ۾ وڌو، هو جڏهن وزيراعظم هو ته پنهنجي سياسي مخالفن جا گرفتاري وارنٽ پاڻ جاري ڪرائيندو هو، هُن پاڪستان جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهيو ٿي، ??مران خان وزارت عظميٰ جي عهدي تي ويهي ميڊيا سان پڻ اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو.