اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي خدمتن جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٽيڪس معاملن ۾ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو وفاقي ٽيڪس محتسب سال 2022ع جي ??پو??ٽ پيش ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه صدر کي سال 2022ع جي ??پو??ٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اي?? ٽي او کي سال 2022ع دوران 7000 شڪايتون مليون، 2021ع ۾ 2816 شڪايتون مليون، سال 2022ع دوران 7000 مان 6500 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو، ٽيڪس محتسب 7 ارب رپين جي ريفنڊ ڪليمز جي رقم ايف بي آر کان ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪرائي. اي?? ٽي او جي 78 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ٿي چڪو، روزاني جي بنياد تي فيصلن تي عملدرآمد جي نگراني ڪئي پئي وڃي، وفاقي ٽيڪسن بابت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اي?? ٽي او سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اوورسيز پاڪستانيز شڪايت ازالو سيل قائم ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز/ ٽيڪس بابت سموريون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ سهولت ڊيڪس پڻ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ?? ٻين واپاري ادارن جي اعزازي ڪوآرڊينيٽرز کي هيڊڪوارٽر ۽ علائقائي آفيسن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. سال 2022ع دوران 88 کان وڌيڪ آگاهي سيشنز ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ هڪ رابطه مهم هلائي وئي. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب پار??ن پهچ وڌائڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي ريليف پهچائڻ تي اداري جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.