اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اٽلي ۽ ليبيا ۾ ٻيڙي حادثي ۾ 9 پاڪس??ان?? شهري مارجي ويا آهن، جن جا لاش وطن واپسي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، گذريل مهيني ڀارتي فوج جي حراست هيٺ 5 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، 4 هزار کان وڌيڪ ڪشميري ڀارت ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف جيلن ۾ بدستور نظربند آهن، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسان?? حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو، پرڏيهي وزير 10 مارچ تي نيويارڪ ۾ اسلامو فوبيا بابت هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪندو، جرمني جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لنڊنر 4 کان 7 مارچ تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هفتيوار بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته 26 جنوري 2023ع تي اٽلي جي سمنڊ ڪناري ٻڏندڙ ٻيڙي جي تازي افسوسناڪ واقعي ۾ ٻن پاڪس??ان?? شهرين پنهنجي جان تان هٿ ڌوئي ويٺا، جڏهن ته 17 پاڪس??ان??ن کي بچايو ويو آهي، جن مان 2 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، روم ۾ اسان جو سفارتخانو اطالوي عملدارن سان گڏ حادثي ۾ بچي ويندڙن جي سارسنڀال ۽ ميت جي پاڪستان منتقلي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ٻئي افسوسناڪ واقعي ۾ ليبيا جي شهر بن غازي جي ويجهو ٻيڙي حادثي ۾ هيستائين 7 پاڪس??ان?? شهري فوت ٿي ويا آهن، ليبيا ۾ پاڪس??ان?? سفارتخاني مقامي عملدارن ۽ ريڊ ڪراس جي عالمي ڪميٽي جي تعاون سان لاشن جي سڃاڻپ ۽ ميتن جي پاڪستان منتقلي جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪري رهيا آهن. سفارتخانو ۽ پرڏيهي وزير به مارجي ويلن جي گهروارن سان رابطي ۾ آهن. هن چيو ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جنيوا ۾ ٿيندڙ هٿيارن جي خاتمي بابت ??ان??رنس جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ موجوده ۽ اڀرندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي اهميت بابت ڳالهه ڪئي. مملڪتي وزير عالمي سطح تي متفقه اصولن جي بنياد تي پرامن پاڙيسريت جي لاءِ پاڪستان جي ويزن ۽ پاليسي جو خاڪو پيش ڪيو. حنا رباني کر جنيوا ۾ ٿيندڙ انسان?? حقن جي ڪائونسل جي 52 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي حصي ۾ به عملي طور تي شرڪت ڪئي. جنهن ۾ هن انسان?? حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل عزم کي ورجايو ۽ ترقي پسند قانونن جي لاڳو ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ کي بهتر بڻائڻ ۽ اداراجاتي مدد کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ عالمي ۽ پارلياماني ۽ عدالتي نگراني کي سگهه ڏئي پنهنجي ملڪي انسان?? حقن جي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. مملڪتي وزير ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسان?? حقن جي صورتحال تي عالمي ڌيان ڇڪرائي، علائقي ۾ ڪشميرين جي تحفظ ج?? حقن تي زور ڏنو ۽ انسان?? حقن جي هاءِ ڪمشنر تي زور ڏنو ته هو والاريل واديءَ ۾ انسان?? حقن جي سنگين صورتحال بابت تازي رپورٽ پيش ڪري ۽ ڪائونسل کي ان بابت آگاهه ڪري. هن پاڪستان پاران يورپ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازي واقعي جي شديد مذمت ڪئي ۽ وڌندڙ اسلامو فوبيا بابت پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڄاڻي واڻي نفرت ۽ تشدد تي اتساهڻ واري بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اقتصادي معاملن واري ڊويزن جو وزير اياز صادق ڪوويڊ 19 کانپوءِ عالمي بحالي تي غيروابسته تحريڪ (اين اي ايم) جي رابطا گروپ جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪس??ان?? وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. سربراهي اجلاس جيڪو پهرين کان 3 مارچ تائين جاري رهندو. هن چيو ته گذريل مهيني ڀارتي فوجين جي حراست هيٺ 5 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو. ڀارتي فورسز پاران پرامن مظاهرين تي طاقت جي وحشياڻي استعمال سان 7 ڪشميري نوجوان زخمي ٿيا. جڏهن ته 115 کي گرفتار ڪيو ويو. گذريل مهيني والاريل واديءَ ۾ 193 نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي جون ڪارروايون ڪيون ويون جيڪي قابض فوج جي لاءِ ڪشميرين کي ڊيڄارڻ ۽ حراسان ڪرڻ جو هڪ ذريعو بڻيل آهي. 4 هزار کان وڌيڪ ڪشميري سياسي اڳواڻ، ڪارڪن، نوجوان، شاگرد ۽ انسان?? حقن جا محافظ ڀارت ۽ والاريل ڪشمير جي مختلف جيلن ۾ بدستور قيد آهن. انهن کي پنهنج?? حقن ۽ آزادي جي لاءِ انهن جي اڻٿڪ جدوجهد تي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي استحصال هيٺ غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي انسان?? حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ممتاز زهره بلوچ چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 8 مارچ تي ٿيندڙ ??ان??رنس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ جو دورو ڪندو. ??ان??رنس ۾ اعليٰ سطحي ۽ پاليسي ڊائيلاگ جو حصو هوندو. پرڏيهي وزير اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو. ان ??ان??رنس ۾ گڏيل قومن، گڏيل قومن جي عورتن ۽ ٻين عالمي تنظيمن جي قيادت کانسواءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۽ او آءِ سي جي غيرمميبر ملڪن سان وزارتي سطح جي شرڪت جي اميد آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير 10 مارچ تي نيويارڪ ۾ اسلامو فوبيا بابت هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ياد رهي ته گذريل سال پاڪستان جي تجويز تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو ڏينهن قرار ڏنو هو. هن چيو ته جرمني جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لنڊنر 4 کان 7 مارچ تائين پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن دوران هو پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺندو. ان موقعي تي اقتصادي تعاون، موسمياتي تبديلي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هي ان جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. هي دورو ميونخ سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي لاءِ جرمني جي پرڏيهي وزير ۽ مملڪتي وزير جي دوري جي دوران ٿي رهيو آهي. هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل سال پرڏيهي وزيرن جي سطح تي ٿيندڙ تازن دورن جي بنياد تي به هوندو. اسان جرمني سان بهتر رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه کي جاري رکنداسين.