اسلام آباد – 06 – فيبروري (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيم??ي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان تعزيتي بيان ۾ صدر ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن، ??رڪيه ۽ شام جي عوام ۽ حڪومت سان تعزي??ي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام ۽ منهنجون همدرديون ترڪيه ۽ شام سان گڏ آهن. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي. ڊاڪٽر عارف علوي ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي سبب زخمي ٿيندڙن جي جلد صحيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.