اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ڪرڪيٽ بورڊ جي عبوري مئنيجمينت ڪميٽي ج?? چيئرمين نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيندي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ ??خت محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪس??ان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي عبوري مئنيجمينٽ ڪميٽي ج?? چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي. نجم سيٺي وزيراعظم کي پاڪس??ان ۾ اداراجاتي (Departmental) ڪرڪيٽ جي بحالي ۽ فيبروري ۾ شروع ٿيندڙ پي ايس ايل ايڊيشن 8 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس ان سلسلي ۾ ??خت محنت ۽ ڀرپُور جذبي سان ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.