صحبت پور – 04 – جن??ري (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف صحبت پور ۾ ٻوڏ متاثرين ۽ نمائندن کي خطاب ۾ دانش اسڪول رحيم يار خان جي شاگردياڻي جو داستان ٻڌائيندي آ??ديده ٿي ويو هڪ ڏينهن جي د??ري جي موقعي تي وزيراعظم بلوچستان ۾ 12 دانش اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پنجاب ۾ 2008ع ۾ جڏهن دانش اسڪول قائم ڪيا ته رحيم يار خان ۾ قائم دانش اسڪول جي د??ري جي موقعي تي هڪ ٻارڙي جنهن جو نالو عائشه هو، سان ملاقات ٿي جنهن ٻڌايو ته سندس والده ۽ والد ٻئي فوت ٿي چڪا آهن، اهي چار ڀائر ڀينر آهن، هن جو خواب هو ته هو ڊاڪٽر بڻجندي جڏهن ته ان وٽ تعليم جي لاءِ ڪي وسيلا نه هئا، هاڻي اها هتي جديد سهولتن سان ليس اسڪول ۾ تعليم پرائي رهي آهي ته هو روزانو رات جو پنهنجي والد سان تصور ۾ ڳالهيون ڪندي آهي ته هاڻي هو ڊاڪٽر بڻجي ان جي خ??اه?? کي پورو ڪندي. وزيراعظم ان موقعي تي آ??ديده ٿي ويو.