اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي ??ي ??ي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گ??يل عرب امارات جي پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون واري وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ افغانستان جي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم تي پابندي جي طالبان جي فيصلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط موقف ??ي ورجائيندي افغان عوام جي ??ائ??دار مستقبل ج?? لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت سان گڏوگڏ زندگي جي سمورن شعبن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت کي حقيقي قرار ڏيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته اسلام عورتن کي هڪ اهم مقام ڏنو آهي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ زور ڏي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيخ عبدالله بن زيد النهيان ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط موقف ۽ افغان عوام جي ??ائ??دار مستقبل ج?? لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو.