لاڙڪاڻو- 30 نومبر (اي پي پي) ٿائلينڊ جو وفد ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ قمبر پهتو جتي وفد ۾ شامل اسلامڪ ڪائونسل جي اڳواڻن ع??ي جان، فواد ۽ ٻين ٻوڏ متاثرن ۾ امدا??ي رقم ورهائي کين هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڪوٺايل تقريب ۾ ايم پي اي معظم علي عباسي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي معززن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفد ۾ شامل اڳواڻن ع??ي جان، فواد ۽ چيو ته اڄ اسلامڪ ڪائونسل طرفان شيخ الاسلام ۽ اسلامڪ سينٽر جي سهڪار سا?? گڏ ڪيل امدا??ي رقم قمبر ضلعي جي ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائي جنهن سا?? سندن مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. هنن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ هي رقم ڪافي ناهي پر اسين متاثر ماڻهن جي خدمت جي جي جذبي تحت هتي آيا آهيون جيئن انهن جي وڌ کان وڌ واهر ڪري سگهون. هنن چيو ته ٻوڏ متاثر اسان جا ڀائر آهن انهن جي مستقبل ۾ به واهر ڪئي ويندي اڄ جن متاثرن کي مالي امداد ملي آهي اميد ته انهن جا ڪيترائي مسئلا حل ٿيندا. ان موقعي تي معظم علي عباسي چيو ته ٿائلينڊ جي وفد طرفان ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ سٺو عمل آهي پر ان کان وڌيڪ انهن جي واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارو ڪم شروع ڪري انهن جي مالي مدد ڪري جيئن ??و پنهنجي خاندانن سا?? خوشحال زندگي گذاري سگهن. ان حوالي سا?? امدا??ي رقم وصول ڪندڙ ٻوڏ متاثرن چيو ته اسين ٿائلينڊ جي وفد جا ٿورائتا آهيون جن هن مشڪل گهڙي ۾ اسان جي سار لهي بهتر نموني مالي امداد ڪئي آهي.