اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ص??ر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ترڪي?? جي دوري تي روانگي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ترڪي?? جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته پاڪ بحري?? جي لاءِ ٽئين ملجم ڪارويٽ جهاز جو افتتاح ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دفاعي لاڳاپن جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جا ر??بطا اسان جي حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا. هن ترڪ عوام جي گرمجوشي جو ذڪر ڪندي چيو ته ترڪيه ۾ هجڻ ائين آهي جيئن اسان پنهنجي گهر ۾ هُجُون. وزيراعظم چيو ته ص??ر اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه سان پاڪستان سان لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.