غذر – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، متاثرين کي امداد جي شفاف ورڇ تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين ڀلي ان جي لاءِ حڪومت جي قرباني ڏيڻي پوي، وزيراعظم غذر جي علائقي بوبر ڳوٺ جي بحالي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا جڏهن ته 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جي لاءِ گرانٽ جي فراهمي جو اعلا?? ڪيو. گلگت بلتستان جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ تو??ان وٽ حاضر ٿيا آهيون ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، تو??ان جي پيارن جي وڇڙي وڃڻ جو اسان کي دلي افسوس ??هي?? ٻوڏ ريلي غذر ۾ جيڪا تباهي مچائي آهي ان تي پورو پاڪستان ڏکويل ??هي?? برساتن، دريائن جي طغياني ۽ ٻوڏ سان پوري پاڪستان ۾ جيڪا تباهي آئي اهي ان جو مٿال نه ٿو ملي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هر طرف هڪ تباهي متل ??هي?? خيبرپختونخواهه ۾ سوات ويلي ۾ تباهي ٿي ??هي?? پنجاب جي ڏاکڻي ضلعن ۾ تباهي ٿي ??هي?? گلگت بلتستان ۾ به انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏک ڀريل ڪهاڻي ??هي?? هڪ هزار کان وڌيڪ فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا، لکين گهر تباهه ٿيا، لکين چوپايو مال وهي ويو، هزارين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿيا. هن چيو ته معاشي طور تي پاڪستان اڳ ۾ ئي مشڪل صورتحال ۾ هو، هاڻي ٻوڏ ۽ برساتن جي صورت ۾ هڪ ٻيو امتحان اچي ويو آهي جڏهن ته الله جي ڪرم ۽ مهرباني سان ان جو مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته هو اتحادي پارٽين پاران اهو ٻڌائڻ آيو آهي ته متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، متاثرين جون ڪهاڻيون دل کي چيري ڇڏين ٿيون، هتي ويٺل ٻارڙي جي خاندان جا 8 ماڻهو طغياني جي ور چڙهي ويا، الله پاڪ ان ٻارڙي کي صبر ۽ همت ڏي، اهو حڪم الاهي آهي ان جي اڳيان ڪنهن جي نه ٿي هلي، الله پاڪ انهن فوت ٿيندڙن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي، غذر ۾ 17 ماڻهو فوت ٿيا، وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا معاوضو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته اهو معاوضو ڏ??ن جومداوو نه آهي پر زندهه رهندڙن جي لاءِ وسيلا گهرجن. هن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ انهن 17 ماڻهن جي پونئيرن کي اهو معاوضو ملڻ گهرجي، تباهه ٿيندڙ گهرن جو معاوضو به ڏينداسين، اين ڊي ايم اي پاران گڏيل سروي شروع ڪئي وئي اهي، مشڪلاتن جو گڏجي انصاف سان مداوو ڪنداسين، پوري قوم کي اهو يقين ڏياريون ٿا ۽ واعدو ڪريون ٿا ته امداد رڳو حقدار کي ملندي، شفافيت تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، منهنجي جان يا حڪومت هلي وڇي ان تي ڪو ٺاهه نه ڪندس، هڪ هڪ پائي حقدار تائين پهچندي، ان ۾ ڪا سياست رنڊڪ نه بڻجندي. هن چيو ته جيڪو به تو??ان جي حق لاءِ وڙهندو ان کي شاباس ڏينداسين، هي هڪ جهاد ??هي?? ان ۾ سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو ??هي?? ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙڻو آهي. هن چيو ته اسان جا دوست ملڪ تعاون ڪري رهيا آهن، ترڪيه مان هڪ وفد آيو، ان سان ملاقات ٿي، اهي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهن، انهن ڀائرن وانگر پنهنجي دل کولي ??هي?? اهڙي طرح گڏيل عرب امارات کان به امداد ملي رهي ??هي?? چين، برطانيا، آمريڪا، قطر سميت ٻين ملڪن کان به امداد ملي رهي آهي. هن چيو ته پنهنجي زندگي ۾ ايتري وڏي ٻوڏ ڪڏهن ناهي ڏٺي، آئون ۽ منهنجا ساٿي ۽ حڪومت سک سان نه ويهنداسين ۽ نه ئي سياست ڪنداسين، صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، گلگت بلتستان سميت سڀني کي هڪ ڪانفرنس ۾ دعوت ڏني، اسان ٻيهر انهن کي دعوت ڏينداسين، اهي ايندا ته اسان کي خوشي ٿيندي، اسان گڏجي ڪم ڪنداسين، هي قوم کي سياست کان مٿانهون ان صورتحال مان ڪڍڻ جو وقت آهي. هن چيو ته ٻوڏ سان جن جي گهرن کي نقصان پهتو ??هي?? انهن جي لاءِ 25 هزار رپيا روڪ رقم ڏني پئي وڃي، فصلن، گهرن جو معاوضو ان کانسواءِ ??هي?? وفاقي حڪومت پاران انهن کي رقم ورهائڻ شروع ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثرين کي گذارش آهي ته اهي صبر سان ڪم وٺن، آخري متاثر شخص جي بحالي تائين اسان تو??ان سان گڏ بيٺل آهيون، اسان تو??ان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن خاندان جي 8 ماڻهن جي پونئيرن کي مخاطب ڪندي چيو ته انهن جي خاندان جي لاءِ ان کان وڏي ڏک جي ڪهڙي ڳالهه هوندي پر اهو الله جو حڪم ??هي?? انبياءَ جا پيارا به انهن کان وڇڙي ويا، هن خاندان کي سهارو ڏيڻ اسان سڀني جو فرض ??هي?? هتان جي مقامي ماڻهن کي انهن جي ڇت بڻجڻو آهي. هن غذر ۾ فوري طور تي 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جو اعلا?? ڪيو، وفاق ان جا خرچ برداشت ڪندو. وزيراعظم ان ڳوٺ جي تعمير لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي خصوصي گرانٽ جو پڻ اعلا?? ڪيو. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، مسلم ليگ (ن) جو صوبائي صدر حافظ حفيظ الرحمان، امجد ايڊووڪيٽ سميت ٻيا پڻ موجود هئا.