اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زم??ن ڪائره چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سڀني کي گڏجي انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، مشڪل جي هن گهڙي ۾ سمورين صوبائي حڪومتن کي گڏکڻي هلنداسين، مشڪل جي هن گهڙي ۾ ڪنهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، اهو وقت سياسي ويڙهه جو نه پر عوام جي مدد جو ??هي?? ترڪيه کان 4 ٽرينون امدادي سامان کڻي اينديون، آءِ ايم ايف جي امداد اهڙو تالو آهي جيڪو کلندو ته ٻيا ادارا به مدد ڏيندا، رستا ٽٽل هجڻ جي ڪري امدادي سامان پهچائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي ??هي??پاڪ فوج هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي هم وطنن جو ساٿ ڏنو ??هي?? سموري حڪومتي مشينري ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ميدان ۾ ??هي?? ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي، پاڪستان کي نقصان کان بچائڻ لاءِ اسان پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳايو. اهڙن خيالن جو اظهار ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري صلاحڪار قمر زم??ن ڪائره پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته تازين برساتن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 2010ع جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو ??هي?? بلوچستان ۽ سنڌ جا علائقا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جون حالتون به بهتر نه آهن، پاڪستان معاشي بحران جو شڪار ??هي?? اهڙي موقعي تي ٻوڏ معيشت جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ??هي?? حڪومت ، رياستي ادارا سڀ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن، بحالي جو مرحلو ان کان به وڌيڪ مشڪل هوندو. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري فصلن ۽ انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو جنهن جي ڪري ڀاڄين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته موجوده صورتحال ۾ سياست تي ڳالهائڻ نٿا چاهيون، سڀ ڄاڻن ٿا ته اسان آءِ ايم ايف کي خيرآباد ڪري ويا هئاسين، ماضي جي حڪومت آءِ ايم ايف جو پروگرام ورتو پر سڌارا نه ڪيا، ماضي ۾ اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي طور تي ڪمزور ڪيو پر موجوده حڪومت پاڪستان کي ڏيوالپڻي کان بچايو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سڀني کي هڪ ڇت جي هيٺان گڏجي ويهڻ گهرجي جيڪي ويڙهه واري سياست ڪري رهيا آهن کين ڪرڻ ڏيو پر هاڻي ويڙهه جو وقت نه ??هي?? پر جيڪي ماڻهو متاثر ٿيا آهن انهن جي بحالي ۽ خدمت جو آهي. وفاقي حڪومت متاثرن جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، مشڪل وقت ۾ سڀني کي گڏجڻ گهرجي اميد رکون ٿا ته وفاقي حڪومت جي پوري ڪوشش هوندي ته هن مشڪل گهڙي ۾ سمورين صوبائي حڪومتن کي گڏ کڻي هلون. ان موقعي تي قمر زم??ن ڪائره چيو ته حڪومت شهباز شريف جي قيادت ۾ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ قدم کڻي رهي ??هي?? اسان کي به ماڻهو چئي رهيا آهن ته توهان کي سياسي نقصان ٿي رهيو آهي اسان چيو ته اسان کي سياسي نقصان ٿئي پر پاڪستان کي نه ٿئي، قمر زم??ن ڪائره چيو ته ٽيلي ٿون صرف اعلان هوندو آهي اها رقم ڪٿي ??هي?? وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته پاڪستان هن وقت مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي اسان حڪومت ۾ اچي تمام مشڪل فيصلا ڪيا آهن، اسان کي سڀني چيو ته توهان سياسي نقص??ن ڪري رهيا آهيو، پر اهڙي مشڪل فيصلا ڪرڻ مجبوري هئي، هن چيو ته پاڪتسان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙي ٻوڏ آئي ??هي?? سنڌ ۾ 1750 ملي ميٽر برسات ٿي ??هي?? بلوچستان ۽ پنجاب جو پاڻي سنڌ ۾ شامل ٿيندو ??هي?? سنڌ جي دريائن ۾ پاڻي تمام گهڻو ??هي?? ماڻهن تائين پهچڻ مشڪل ??هي?? هن وقت تائين اندازو نه آهي ته نقص??ن ڪيترو ٿيو آهي ۽ ڪيترا گهر ڊهي پيا آهن، اسان جي مٿان اعتراض ٿي رهيو آهي ته هي حڪومت ڪجهه نه ڪري رهي ??هي?? اسان جي پوري ڪاب??نا پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ڪم ڪري رهي ??هي?? هن چيو ته ٻين ملڪن سميت اين جي اوز ۽ دوست ۽ مسلمان ملڪ به پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهن جنهن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون، مشڪل جي هن گهڙي ۾ ڪنهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.