اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين فضا ۾ يوم آزادي تقريبون منعقد ڪري وطن سان محبت جو اظهار ڪيو. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفظ خان طرفان جاري ب??ان مطابق 14 آگسٽ جي ڏينهن پي آءِ اي ??ڀن?? اڏامن تي جشن آزادي ملهائي رهي آهي. اڏامن تي قوم جي نئين معمار ٻارن جهنڊن وار?? ڪيڪ ڪٽيا ۽ خوشي ملهائي. اڏامن دوران خاص طور تي ملي نغما ڳايا ويا ۽ مسافرن کي پاڪستاني جهنڊا پڻ پيش ڪيا ويا. انهن تقريبن جو انتظام پاڪستان جي 75هين يوم آزادي جي موقعي تي ڪيو ويو آهي.