اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري جو بروقت تعاون م??الي رهيو، پاڪستان هن خطي ??و واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري جي نمائيندي ڊاڪٽر پليٿا گونراٿنا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سا??س ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر پليٿا سينيٽ چيئرمين کي ڊبليو ايڇ او جي پاڪستان ۾ منصوبن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ان خطي ??و واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊبليو ايڇ او ??و وقت سر تعاون م??الي رهيو. اميد آهي ته ڊبليو ايڇ او پاڪستان جي لاءِ تعاون جي فراهمي جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فرا??م ڪرڻ ۾ صحت جي عالمي اداري سدائين م??د ڪئي آهي. پوليو جي خاتمي وارن قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام کي صحت جون سهولتون فرا??م ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سينيٽ چيئرمين ڪورونا وائرس (ڪووڊ 19) ويڪسين تائين پهچ لاءِ بھترين تعاون فرا??م ڪرڻ تي ڊاڪٽر پليٿا جو ٿورو ادا ڪيو.