اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت پيمرا قانون ۾ ترميم آڻي رهي آهي، 2019ع ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ چئنلز جي درجه بندي ڪئي وئي، اڳوڻي دور ۾ ميڊيا ??ائوسز کي جاري ٿيندڙ اشتهارن کي صحافين جي پگهارن جي ا??ائ??گي سان نه ڳنڍيو ويو، اڳوڻي دور ۾ صحافين کي اغوا ۽ ا??هن تي تشدد جا واقعا ٿيا، اسان جي دور ۾ ڪو اهڙو واقعو پيش ناهي آيو، صحافين جي خلاف داخل ايف آءِ آرز تي لاڳاپيل آءِ جيز کي گهرائي ا??هن جو موقف ٻڌو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو، ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت سينيٽر فيصل جاويد ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ ڪميٽي جا ٻيا ??يمبر به موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پيمرا جي حوالي سان ترميم ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان گڏ ڳالهيون هلي رهيون آهن، اسان جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي مشاورت سان ترميم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته جيڪا به ترميم ٿيندي اها سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٿيندي، هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پگهار ادا نه ڪندڙ ميڊيا ??ائوسز جا اشتهار بند نه ڪيا ??يا ۽ نه ئي ا??هن کي صحافين جي پگهارن جي ا??ائ??گي سان ڳنڍيو ويو. وفاقي وزير چيو ته ورڪرز جي پگهارن ۽ ڪنٽريڪٽ جي حوالي سان قانون آندو پيو وڃي، هن چيو ته 2019ع ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ چئنلز جي درجا بندي ڪئي وئي، ان کان اڳ اي، بي ۽ ٿري ڪيٽيگري جي لحاظ کان اشتهار جار ڪيا ??يندا هئا، ان درجا بندي کان اڳ پي آءِ ڊي جو اشتهارن جو نظام به شفاف هو، هن چيو ته چئنلز جي درجاه بندي پروگرام ۽ وقت جي حساب سان ڪئي وئي، اشتهار جاري ڪرڻ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو، ڪ??هن چئنل سان ڪو به امتيازي سلوڪ نه رکيو ويو، هن ٻڌايو ته اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي دور ۾ چئنلز جي ڪيٽيگري ۾ تبديلي ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آزادي صحافت تي ڪامل يقين رکي ٿي، اڳوڻي دور ۾ صحافين کي اغوا ڪيو ويو ۽ ا??هن تي تشدد جا واقعا رونما ٿيا، اسان جي دور ۾ اهڙو ڪو به واقعو پيش نه آيو، هن چيو ته گذريل چار سال صحافين، ميڊيا ??رڪرز ۽ ميڊيا ??ائوسز سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڪارو دور هو، اڳوڻي دور ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي راتاهو لڳايو ويو، صحافين کي اغوا ڪيو ويو، ا??هن تي تشدد ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته ابصار عالم هجي، اسد طور هجي يا عرفان صديقي هجي، ج??هن ج??هن صحافي سان ظلم ٿيو آئون هر جڳهه تي ا??هن سان گڏ بيٺل رهيس، هن چيو ته آزاد ميڊيا حڪومت جو احتساب ڪندي آهي، ميڊيا جي تنقيد سان اسان س??ائ??ن رهنمائي ورتي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اسان هتي موجود صحافين کي ٻڌو، ج??هن جي خلاف ايف آءِ آرز ٿيون آهن ا??هن کي به ٻڌو آهي، بهتر آهي ته سمورن لاڳاپيل آءِ جيز کي گهرائي ا??هن جو موقف به ٻڌو وڃي، جيستائين ايف آءِ آرز تي ا??هن جو موقف نه ٿيندو معاملو ڪليئر نه ٿيندو ج??هن تي ڪميٽي صحافين تي داخل ايف آءِ آرز بابت آءِ جيز کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان اڳ اجلاس ۾ اطلاعات واري وزارت پاران ڪميٽي کي 2008ع کان 2013ع، 2013ع کان 2018ع ۽ 2018ع کان 2022ع تائين حڪومت پاران اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي جاري ڪيل اشتهارن تي خرچ ٿيندڙ رقم ۽ ا??ائ??گين جي طريقيڪار جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڪميٽي کي اطلاعات واري وزارت پاران ٻڌايو ويو ته اطلاعات واري وزارت پنج مرحلن ۾ اشتهار جاري ڪندي آهي، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ڪميٽي کي ٻڌايو ته وفاقي سرڪاري ادارن پاران اشتهارن جي منظوري کانپوءِ ??ري?? انفارميشن ڊپارٽمينٽ اداري جي ضرورت موجب اشتهار جاري ڪندو آهي، اهي اشتهار پبليڪيشنز کي پي آءِ ڊي سان سڌو سنئون جاري ڪيا ??يندا آهن، حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت پاران اشتهار جاري ڪرڻ ۽ ا??ائ??گين ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو آهي، هن ٻڌايو ته 2013ع کانپوءِ پاڪستان جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي به اشتهار جاري ڪيا ??يا، 2013ع کان 2018ع تائين وزارت پاران اليڪٽرانڪ ميڊيا کي اشتهار ڏنا ويا، 2018ع کان آئوٽ ڊور ڪمپين شروع ڪئي وئي. 2013ع کان 2018ع تائين وزارت پاران اليڪٽرانڪ ميڊيا کي اشتهار ڏنا ويا، 2018ع کان آئوٽ ڊور ڪمپين شروع ڪئي وئي، 2013ع کان 2015ع تائين آ??ري??ن ضرب عضب جي حوالي سان به اشتهار ڏنا ويا، اجلاس ۾ اي آر وائي جي حوالي سان معاملي تي پيمرا چيئرمين ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي آر وائي جي حوالي سان ملندڙ شڪايتن تي ڪيبل آپريٽرز جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، اي آر وائي جي پليسمنٽ تبديل نه ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ?? به اي آر وائي درخواست داخل ڪئي، اسان ڪيبل آپريٽرز جي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي، اجلاس ۾ ريڊيو پاڪستان راولپنڊي جي زمين تان مختلف وڻن جي واڍي جو معاملو به بحث هيٺ آيو ج??هن تي اطلاعات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته اطلاعات واري وزير جي هدايت تي وڻ وڍڻ جي معاملي جي حوالي سان ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجي تفصيلي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽي کي سمورين صوبائي حڪومتن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لا3 پي ٽي وي جي ڪوريج جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي پهرين جون 2022ع تي ٿيندڙ اجلاس جي سفارشن ۽ فيصلن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن کانسواءِ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر سيد مبشر حسن ۽ اطلاعات واري وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.