اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب يو اي اي جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شيخ خليفه زيد النهيان پنهنجي ملڪ جي عوام جي لاءِ باوقار زندگي کي ي??يني بڻائڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪيو، سندس دور ۾ گڏيل عرب امارات تيز رفتار ترقي ڪئي، مر??وم پنهنجي ملڪ جي لاءِ پهريون اسٽريٽجڪ منصوبو ٺاهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان اسلامي دنيا ۾ هڪ مضبوط آواز رکندو هو. هن چيو ته يو اي اي جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مر??وم ??يخ خليفه بن زيد النهيان جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.