اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز جو دورو ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو پيپس بورڊ آف گورنر جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ اداري جو پهريون دورو هو. ان موق??ي تي پيپس جي ايگزيڪيوٽو محمد انور اسپيڪر کي ادارو قا??م ڪرڻ جي مقصدن ۽ ان جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. اسپيڪر پيپس ۾ جدي?? پارلياماني علم جا ڪورسز متعارف ڪرائڻ کانسواءِ اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موق??ي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوام جي بهترين مفاد ۾ قانونسازي جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ نوجوان پارليامينٽرينز تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته پيپس کي پنهنجو پاڻ کي قانونسازي ۽ قانون نويسي جي شعبن ۾ هڪ جديد درسگاهه طور متعارف ڪرائڻ گهرجي. اسپيڪر پيپس جي مختلف آفيسن جو پڻ دورو ڪيو ۽ پيپس جي اسٽيٽ آف دي آرٽ بلڊنگ کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ به هي ادارو پنهنجا هدف مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوش??ون جاري رکندو.