اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيلسيميا ۽ رت جي ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ موثر قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مرض کان بچاءُ جي لاءِ احتياط ۽ آگاهي ضروري آهي، ملڪ ۾ پوليو جي خلاف ڪاميابي ??ان مهم هلائي وئي، غذائي کوٽ جو معاملو انتهائي اهم آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن راولپنڊي ۾ پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد عمر، ڊاڪٽر جمال ناصر، زمرد خان، پاڪستان ٿ??لسيميا ويلفيئر سوسائٽي جي عهديدارن، ??بي ماهرن، ??يرسرڪاري تنظيمن جي نمائندن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٿيلسيميا جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم لازمي آهن ته جيئن مريضن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ٿيلسيميا سميت ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ موثر طريقي تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ٿ??لسيميا جي مرض جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر ۽ ان جا منتطمين ان حوالي ??ان بهترين ۽ قدر جوڳو ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ٿيلسيميا جي حوالي ??ان ڪافي ڪم ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستاني انساني همدردي جي جذبي ??ان سرشار آهن ۽ ملڪ ۾ سرندي وارن جي ڪا کوٽ نه آهي، ڪورونا جي دوران سمارٽ لاڪ ڊائون ??ان ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته ان جي ابتڙ پوري دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي خلاف هڙتالون ٿ??ون، موٽاپو ۽ ذيابيطس وڌي رهيا آهن جڏهن ته هيپاٽائيٽس به پکڙجي رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خدا جي مخلوق جي مدد ڪندڙن کي الله ويجهو رکي ٿو. صدر چيو ته وقت سر ڪوششن ۽ علاج جي نتيجن ??ان ڪيترين ئي بيمارين کي روڪي سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ پوليو جي خلاف ڪامياب مهم هلائي وئي، ڪورونا جو مقابلو ڪيو ۽ ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ڪورونا جي وبا دوران دنيا جي پڙهيل لکيل قومن ۾ وڌيڪ مزاحمت هئي، ان دوران ا??ان جي قوم ذميواري جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ هڪ سنگين مسئلو آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسٽنٽنگ جا اثر سدائين رهن ٿا جڏهن ته غذائي کوٽ ??ان واڌويجهه تي منفي اثر پوي ٿو، حڪومت احساس پروگرام ۾ ان مسئلي تي پنهنجو ڌيان ڏنو ??هي. تقريب کي پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي صدر ميجر جنرل (ر) صحيب احمد پڻ خطاب ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي اداري جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو.