ماسڪو – 24 فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن ۽ خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪا??ي، ريلوي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڳا??هه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مختلف منصوبن تي وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ انتهائي اهم پليٽ فارم آهي. روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ وفد سان گڏ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??اڪ??تان روس اقتصادي لاڳاپن ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خصوصي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪار??با??ي ماحول ۾ بهتري جي لاءِ مختلف شعبن ۾ حڪومت جي سڌارن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان ان يقين جو اظهار ڪيو ته روسي ڪمپنيون ۽ ڪار??با??ي ماڻهو ??اڪ??تان جي بهتر ڪار??با??ي ماحول مان فائدو کڻنديون ۽ ??اڪ??تان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪنديون. وزيراعظم ??اڪ??تان ۽ روس جي وچ ۾ فليگ شپ اقتصادي منصوبي طور واپار، سيڙپڪا??ي، ريلوي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڌرين ان ڳا??هه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مخصوص منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم عمران خان آجياڻي تي ??اڪ??تان ۽ روس جي ناليوارن ڪار??با??ي ماڻهن سان ڳا??هه ٻو??هه ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ جي مارڪيٽ طور واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته مارچ ۾ ??اڪ??تان ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس سان ميٽالرجيڪل، توانائي، تعميرات ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي لاءِ ??اڪ??تان ۾ وڏي پئماني تي موقعن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. تقريب کي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان گڏ روس جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم ڪريملن ۾ صدر پيوٽن سان پڻ ملاقات ڪئي.