لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، پورو معاشرو ان جنگ ۾ وزيراعظم جو ساٿ ڏي، مخالف ڌر حڪومت جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ کان اڳ پنهنجا ماڻه?? ته پورا ڪري وٺي، هڪ ٻئي جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي ??فاد جي ??اءِ ٻيهر گڏ ٿي رهيا آهن، قانون جو مذاق اڏائيندڙن جي خلاف جڏهن ڪا ڪارروائي شروع ٿئي ٿي ته اهي التوا جي ??ٺيان لڪي وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ سڄي ملڪ مان آيل پي ايف يو جي جي ??يمبرن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي لاهور پريس ڪلب جي صدر اعظم چوڌري ۽ ٻين صحافين جو انگ پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پنهنجي دور ۾ ڪرپشن ڪئي، رمضان شگر ملز جي 10 کان 15 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ ملازمن جي اڪائونٽس ۾ اربين رپيا ڪٿان اچي وڃن ٿا، جڏهن سوال پڇيو وڃي ته اهي التوا جي ??ٺيان لڪي وڃن ٿا، ڪڏهن قطري خط اچي وڃي ٿو، ڪڏهن جسٽس (ر) قيوم جهڙا جج ڳولڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چي?? ته جڏهن سڄو خاندان چوري ڪري ٻاهر هليو وڃي ته انهن کي جواب ته ڏيڻو پوندو. شهباز زرداري ملاقات جي حوالي سان مملڪتي وزير چي?? ته زرداري شهباز شريف ملاقات رڳو پنهنجي ??فادن جي ??اءِ آهي، شهباز شريف ماضي ۾ زرداري کي رستن تي گهيلڻ جي ڳالهه ڪندو هو هاڻي اهي قانون جو مذاق اڏائڻ جي ??اءِ ٻيهر گڏ ٿي ويا آهن. چوڌري ڀائرن سان اپوزيشن جي ??لاقاتن جي حوالي سان فرخ حبيب چي?? ته اهي اتان روٽي شوٽي کائين، ملاقات ڪرڻ ۾ اهي آزاد آهن جڏهن ته حڪومت کي پنهنجي اتحادين کان ڪو خطرو نه آهي. ميڊيا جي آزادي جي حوالي سان هن چي?? ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، حڪومت صحافين جي سمورين تنظيمن سان گڏجي جرنلسٽ ميڊيا پروٽيڪشن بل اسيمبلي مان پاس ڪرائي ورتو آهي، قانون ٺهڻ تي منسٽري آف هيومن رائٽس ان تي ڪم ڪري رهي آهي ان تي ڪميشن پڻ ٺاهيو ويندو جنهن ۾ صحافين جي ??مائندن کي شامل ڪنداسين ته جيئن صحافين کي پنهنجون ذميواريون سازگار ماحول ۾ انجام ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. هن چي?? ته پرنٽ ميڊيا جي صحافين وٽ پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ ??ار?? موجود آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اليڪٽرانڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي صحافين کي به آءِ ٽي اين اي تائين پهچ ڏيون. هن چي?? ته آءِ ٽي اين اي 10 هزار کان وڌيڪ ڪيسز مان 7 هزار جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ ٽي اين اي جو سيٽ اپ اسلام آباد کانسواءِ سڄي ملڪ جي ??ين وڏن شهرن ۾ به قائم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ م??لڪتي وزير چي?? ته آءِ ٽي اين اي جي چيئرمين جي ??قرري هڪ هفتي جي اندر ڪئي ويندي. هن چي?? ته صحافين کي مس ان??ار??يشن ۽ ڊس ان??ار??يشن ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي، ڊس ان??ار??يشن ڄاڻي واڻي ڪئي وڃي ٿي، ذاتي ڪردارڪشيءَ ڪندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صحافي پنهنجي صفن ۾ لڪل انهن ڪارين رڍن جو گهيراءُ ڪن جيڪي ڊس ان??ار??يشن ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي ??اءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، ڪرپشن جي ??اسور جي خلاف پوري قوم وزيراعظم جي ڪوششن جو ساٿ ڏي. هن صحافين کي مخاطب ڪندي چي?? ته اهي حڪومت ۽ ان جي ڪارڪردگي تي مثبت تنقيد ڪن اسان کليل دل سان ان کي تسليم ڪنداسين. هن چي?? ته صحت ڪارڊ عوام جي ??اءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي، اهي 10 لک رپين تائين پنهنجو علاج ڪنهن به سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتال مان ڪرائي سگهن ٿا. هن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي چي?? ته اهي سنڌ جي عوام کي به صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪن. مملڪتي وزير چي?? ته صحافين کي صحت ڪارڊ ڏيڻ کانسواءِ ڪامياب جوان پروگرام ۾ پڻ شامل ڪنداسين، پاڪستان ڪامياب پروگرام پڻ اچي رهيو آهي، ان ۾ به صحافين کي آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا. تقريب ۾ بلوچستان مان آيل صحافين مملڪتي وزير کي بلوچي ثقافت جي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي.