فيصل آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گوجرانوالا ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد فيض الحسن شاهه?? حاجي امتياز احمد چوڌري، چوڌري شوڪت علي ڀٽي ۽ وجيهه اڪرم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سليم سرور جوڙا، ميان محمد اختر حيات، چوڌري لياقت علي، م??مد ارشد چوڌري، م??مد اخلاق، م??مد طارق تارڙ، گلريز افضل گوندل ۽ محمد احمد چٽه به شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ لاڳاپيل تڪن جي سياسي معاملن ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا مهم تيز ڪن ۽ عوام جي مسئلن جي جلد کان جلد حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان گڏجي ڪم ڪن، وزيراعظم کين ا??ندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪامي??بي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.