اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نوجوانن کي اڳتي وٺي اچي، پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻا??ڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اهي نوجوان ملڪ جو مثبت چهرو سامهون آڻيندا، ڪامياب جوان پروگرام جي انعقاد تي سڄي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن واري معاملن واري خصوص?? مددگار محمد عثمان ڊار سان گڏ جناح اسٽيڊيم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مين اسٽريم جو حصو بڻا??ڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، فرخ حبيب چيو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ پروگرام جي انعقاد تي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن ??يو ته ڪامياب جوان پروگرام 25 هزار نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ مالي ۽ ٽيڪنيڪ?? مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ڪامياب اسپورٽس پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪيو آهي، هن ??يو ته نوجوان ڪامياب ٿيندا ته پاڪستان ڪامياب ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نوجوانن کي اڳتي وٺي وڃون، اهي ئي نوجوان ملڪ جو مثبت چهرو سامهون آڻيندا، هن ??يو ته هاڪي جي فروغ لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، پاڪستان جي نوجوانن ۾ اسپورٽس جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، مملڪتي وزير چيو ته اميد آهي ته اهي ئي نوجوان سڀاڻي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندا، هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان جو فوڪس آهي ته ملڪي سطح تي اسپورٽس کي وڌيڪ نظر انداز نه ٿيڻ ڏيون، هن ??يو ته نوجوانن جو ??ست??بل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي نوجوانن واري معاملن واري خصوص?? مددگار عثمان ڊار چيو ته 17 سالن کانپوءِ اسپورٽس ڪامپليڪس جون رونقون واپس آيون آهن، ملڪ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ اسپورٽس ايونٽ ۾ 13 هزار کان وڌيڪ عورت رانديگر شريڪ آهن، عثمان ڊار چيو ته سڄي ملڪ جي سئو کان وڌيڪ يونيورسٽين حصو ورتو آهي.