اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي م??تسب جي فيصلي جي خلاف لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) جي درخواست رد ڪندي بيواهه کي پينشن جي ادائيگي جو حڪم برقرار رکندي ليسڪو کي هدا??ت ڪئي آهي ته وفاقي م??تسب جي فيصلي موجب بيواهه کي ان جي جائز پينشن جو پورو حصو ادا ڪيو وڃي. صدر حڪومتي پاليسي موجب الائونسز سان بيواهه کي پينشن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته باقي پينشن تي حڪومتي پاليسي موجب ور جي رٽائرمينٽ جي تاريخ کان اضافو به ادا ڪيو وڃي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب شڪا??ت ڪندڙ مختيار بيگم جي م??حوم ور جيڪو ليسڪو ۾ ملازم هو اپريل 2005ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ ڊسمبر 2013ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شڪا??ت ڪندڙ جي مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن باقاعدگي سان ڏني وئي پر گهٽ شرح تي ڏنيو ئي، شڪا??ت ڪندڙ چيو ته هو 21928 روپيا ماهور پينشن حاصل ڪري رهي آهي جڏهن ته حڪومت پاران وقت به وقت ڪيل سمورين انڪريمينٽس کي شامل ڪندي ان کي 15 سالن کانپوءِ تقريبن ٻيڻو ٿيڻ گهرجي، شڪا??ت ڪندڙ پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ وفاقي م??تسب سان رجوع ڪيو، وفاقي م??تسب 09-03-2021 جي پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته اها ناانصافي آهي واپڊا پينشن ڊائريڪٽوريٽ حڪومتي پاليسي تي پوري طرح عمل ناهي ڪيو ۽ بيواهه کي بحالي تي وڌايل گ??ريل اضافو ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته ڊائريڪٽر (پينشن) واپڊا پاڻ سمورن ڊسڪوز، جينڪوز اين ٽي ڊي سي کي SOP-2002 جي تحت پينشن جي بحال ٿيل حصي تي سمورن پينشنرز کي گزريل تاريخن کان اضافي جي اجازت ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، وڌيڪ اهو ته متوفي پينشرز جي بيواهن کي ان سهولت سان خاص طور تي روڪيو نه ويو، ان لاءِ ليسڪو پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، وفاقي م??تسب پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڪستان جي پاليسي موجب رٽائرڊ/فوت ٿيندڙ ملازمن کي رٽائرمينٽ جي تاريخ کان پينشن جي بحال ٿيل حصي ۾ اضافي جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ ڪموٽڊ حصي تي بحالي جي اجازت ڏني آهي. صدر مملڪت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ت?? موجوده قانونن موجب دير سان اپيل داخل ڪرڻ جي پهلو کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو، قانون موجب وفاقي م??تسب جي فيصلي جي خلاف 30 ڏينهن ۾ اپيل داخل ڪرڻي هوندي آهي، محتسب جي فيصلي جي خلاف دير سان اپيل داخل ڪرڻ تي ليسڪو جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.