اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان اڄ جمعي ڏينهن رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ زون جي ڪمرشل لانچ ج?? تقريب ۾ خاص مهمان هوندو. وزي??اع??م ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب چائنه جي انٽرپرائيز ”سينچري اسٽيل پر??ئي??يٽ لميٽيڊ“ جي 366 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعميرات جو اڄ آغاز ٿي رهيو آهي. رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ زون چائنه پاڪستان اقتصادي لنگهه ڪلسٽر جو هڪ حصو آهي جيڪو صوبي ۾ وڏي ??ئماني تي سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، پاڪستان ۽ چائنه سي پيڪ منصوبن جي وقت سر پڄاڻي ۽ چائنه پاڪستان اقتصادي لنگهه کي بي آر آءِ جي هڪ عالمي معيار جو مظهر ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهيون، رشڪئي ترجيح خصوصي اڪنامڪ زون چائنه پاڪستان اقتصادي لنگهه فريم ورڪ تحت خيبرپختونخوا حڪومت ۽ خيبرپختونخوا زون ڊولپمينٽ اينڊ مينيجمينٽ ڪم??ني (ڪي پي اي زيڊ ڊي ايم سي) جو فلينگ شپ منصوبو آهي.