لاهور – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي قدمن سان پاڪستان ۾ زرعي انقلاب ايندو، سياحت جي شعبي ۾ اسان پنهنجي درآمدات کان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهون ٿا، تعميرات جي شعبي س??ن 30 صنعتون واڳيل آهن، ان شعبي تي ڌيان ڏئي بيروزگاري ۾ گهٽتائي ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ڪري سگهج?? ٿو، گهٽ لاڳت هائوسنگ منصوبو شروعات آهي ان سان ڪچي آبادين جو ڦهلاءُ گهٽ ٿيندو، ڪچي آبادين کي ت??ڪ ماڊل تحت تبديل ڪرڻ جو منصوبو آڻي ر??يا آهيون، قوم کي تاڪيد آهي ته اها ماسڪ پائي، رڳو ماسڪ سا?? ئي ڪورونا تي ڪنٽرول ڪري سگهج?? ٿو. هو رائيونڊ ۾ پنجاب پيري اربن گهٽ لاڳت هائوسنگ اسڪيم منصوبو شروع ڪرڻ جي موقعي تي خطاب ڪري ر??يو هو.