اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان ۾ بر??ان??ه جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي. بر??ان??ي هاءِ ڪمشنر وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته هلندڙ سال جي ٻي ڇهه ماهي ۾ بر??ان??ي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي پاڪستان جي دوري جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون، ان دوران بر??ان??ي ميوزيڪل بينڊ ب?? پاڪستان جو دورو ڪندو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين بر??ان??ي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۽ ميوزيڪل بينڊ جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته ??اندين سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي لاءِ اها هڪ سٺي خبر آهي، شهرين کي وڌيڪ هڪ اسپورٽس تفريح جو ماحول ميسر ايندو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي 75 هين يوم آزادي جي مناسبت سان پاڪ بر??ان??ه گڏيل پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومت جي قدمن کان بر??ان??ي هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ??ر??ان??ه جي اعليٰ يونيورسٽين وانگر ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهڻ جي لاءِ بر??ان??ي مدد گهربل آهي، وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي فروغ ڏيڻ لاءِ فلم جي تياري ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.