اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڀارت ??ان آمدرفت تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، اها پابندي اپريل جي ٽئين هفتي کان لاڳو آهي ۽ ان تي مڪمل عم??درآمد ٿي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال ۾ بهتري نه آئي ته پاڪستان جي اندر وڌيڪ سخت قدم کڻڻا ??وندا ان لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي.