اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود موجوده حڪومت اڍائي سال ۾ 20 ارب ڊالر جا ٻاهريان قرض واپس ڪيا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، 6 هزار ارب روپيا قرضن ??ون قسطون ادا ڪري چڪا آهيون، ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن ٿي چڪي آهي، بئنڪون عام ماڻهن کي گهرن جي تعمير لاءِ قرض فراهم ڪن، ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ مشهوري مهم هلايو، نيون ٽيڪسٽائيل ملون لڳي رهيون آهن، صنعتي شهرن ۾ ورڪرز نه ملي رهيا آهن، اها تم??م وڏي تبديلي آهي، 20 ارب ڊالر جو تاريخي خسارو ورثي ۾ مليو، روپئي جو قدر گهٽجڻ سان هر شيءَ مهانگي ٿي وئي. هو روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي موڪليل مٽاسٽا جو نا??ي 500 ملين ڊالر کان وڌڻ جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. نا??ي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت وفاقي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار ۽ بئنڪن جا سربراهه به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هو تقريب ۾ شريڪ ڪرڪيٽرن ۽ بئنڪرن کي خوش آمديد چوي ٿو ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي مٽاسٽا جو نا??و 500 ملين ڊالر کان وڌي ويو آهي، اها وڏي ڪاميابي آهي، ڇاڪاڻ جو اسان ڪيتري ئي عرصي کان ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ته سم??ڊ پار پاڪستانين مان فائدو کنيو وڃي. وزيراعظم چيو ته آئون 20 سالن کان چئي رهيو هئس ته سم??ڊ پار پاڪستاني ملڪ جي لاءِ تم??م وڏو اثاثو آهن، منهنجو انهن سان ڪرڪيٽ ۽ شوڪت خانم منصوبي جي ڪري سدائين رابطو آهي ۽ اهي اسان جي تم??م وڏي قوت آهن.