اسلام آب??د – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته هائوسنگ جي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن عوام جي لاءِ ذاتي ۽ گهٽ لاڳت واري ڇت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي قومي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت رابطا ڪميٽي ??ي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. نئين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر هائوسنگ، تعيمرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي فورم تان ٽيڪس مراعتن، بئنڪ فنانسنگ، مارڪ اپ سبسڊي، سهولتڪاري رجيم ۽ فور ڪلوزر قانونن ??ي ڏس ۾ برآمد ٿيندڙ حوصلي جوڳن نتيجن تي بريفنگ ڏني ۽ حڪومتي ۽ نجي شعبي ??ي هائوسنگ تعميراتي منصوبن ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سا?? اجلاس کي آگاهه ڪيو.