اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عورتن جي حقن ج?? لاءِ قانونسازي ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آه??ون?? عورتون معاشري جو اهم جز آهن انهن جي حقن ۾ بهتري کانسواءِ معاشرو اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ وومين پارليامينٽري ڪاڪس ۽ يو اين وومين جي حصيداري سان عورتن تي تشدد جي خاتم?? لاءِ 16 ڏينهن واري سرگرمين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.