اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ??ي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف سان بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر شاهه غلام قادر پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ب??وچستان جي گورنر صوبي جي ترقياتي منصوبن ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. شاهه غلام قادر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي توانائي جي ??سئ??ن جي حل جي حوالي سان 23 ارب رپين جي پئڪيج جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شه??از شريف شاهه غلام قادر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ??ي وڌ کان وڌ ريليف ملي.