اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) ايف بي آر پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان وچ ۾ نئين ٽرانزٽ واپار معاهدي ۾ ترميمن جو مسودو جاري ڪري ڇڏيو آهي. معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ناتن کي مضبوط بنائڻ ۽ گڏيل واپار ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ايف بي آر ان حوالي سان نَون قاعدن ۽ ضابطن تي ٻَڌل مسودي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ج??هن ۾ ٽرانزٽ واپار جي مختلف پهلوئن جو احاطو ڪيو ويو آهي. مسودي تحت پورٽ قاسم ۽ گوادر جي بندرگاهه واپاري سا??ان جي چُرپُر لاءِ اهم هنڌ قر??ر ڏنا ويا آهن. مسودي موجب آذربائيجان جا ڪاروباري ادارا، حڪومت ۽ سفارتي مشنز کي پاڪستان ڪسٽمز جي ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ۾ رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي ته جيئن هو واپاري سهولتن ??ان فائدو کڻي سگهن. واپاري سا??ان کڻي ويندڙ گاڏين کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن کان ??جا??ت نامو وٺڻو پوندو. هر گاڏيءَ کي ٽريڪرز ۽ ڪسٽمز سان ڳنڍيو ويندو ته جيئن سا??ان جي نگراني ممڪن ٿئي. سا??ان جي چُرپُر دوران ڪ??هن به نقصان جي صورت ۾ ڪارراوئيءَ جا قاعدا به واضح ڪيا ويا آهن. معاهدي تحت ٻئي ملڪ ضرورت پوڻ تي اضافي ??جا??ت ناما جاري ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ا??هن تي مقرر چارجز لاڳو هوندا. واپاري سا??ان جي نگراني ۽ شفافيت لاءِ انشورنس گارنٽي فراهم ڪرڻ لازمي هوندي. اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ عالمي واپار جون نيون راهون کوليندو. ان سان نه صرف پاڪستان جي بندرگاهن جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو پر آذربائيجان لاءِ پڻ عالمي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ آساني ٿيندي. نوٽيفڪيشن ۾ سمورن لاڳاپيل ڌُرين کي درخواست ڪئي وئي آهي ته هو 15 ڏي??هن اندر ا??هن قاعدن تي پنهنجا رايا يا تجويزون پيش ڪن ته جيئن ان جي حتمي منظوري ڏئي سگهجي.