اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زردا??ي لڪي مروت ۾ ف??نه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ خوارج دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي سا??اهيو. صدر ڪارروائي دوران 5 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ 2 زخمي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي سا??اهيو. صدر جو دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عز?? جو اظهار ڪيو.