اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن کان جاري پي ٽي آءِ جي احتجاج ج?? حوالي سان خبرن جو پا??مر??دو نوٽيس وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ متفرق درخواستن ۽ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل ايڊووڪيٽ بابر اع??اڻ جي درخواست تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي. بابر اع??اڻ عدالت آڏو گذارش ڪئي ته فاٽا پهريان ئي خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن ڪارروائي جي ضرورت ناهي. وڊيو لنڪ ذريعي مون موجود ڪي پي جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي گذارش ڪئي ته طاقت جي ا??تع??ال تي پا??مر??دو نوٽيس ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته آئيني بينچ کي ايئن ڪرڻ جو اختيار آهي. تنهن هوندي به عدالت ان درخواست کي رد ڪندي چيو ته اهو معاملو عدالت آڏو ناهي. جسٽس مسرت هلالي عدالت کي سياسي معاملن ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش تي ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي تنبيهه پڻ ڪئي.