اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو وچ ۾ ٻه طرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل فائديمند سهڪار ۽ اقتصادي ۽ و??پاري لاڳاپن کي وڌيڪ م??بوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراع??م هائوس اچڻ تي بيلا روس جي صدر لوڪا شينڪو جي آجيان ڪئي. صدر لوڪا شينڪو پ??ڪس??ان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. ان ??وق??ي تي وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان بيلا روس سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اوهان جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ شراڪتداري جون نيون راهون کولڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. ٻه طرفي ملاقات ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاعي سهڪار ۽ علائقائي مسئلن سميت مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن گذريل ڏهاڪن دوران پ??ڪس??ان ۽ بيلا روس جي لاڳاپن جي سمورن رخن ۾ هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گڏيل فائديمند سهڪار ۽ اقتصادي، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ م??بوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. وزيراعظم بيلا روس جي صدر کي پ??ڪس??ان حڪومت جي ايڪسپورٽ تي ٻڌل اوسر ۽ دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ذريعي پ??ڪس??ان جي اقتصادي بحالي جي پاليسي بابت به آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون.