اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بي??ار??س سيڙپڪاري، زراعت، واپار، دفاع سميت ٻين ??عبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي گڏيل معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي جلد عملي جامعو پارائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻطرفي حتمي م??اهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي فيبروري 2025ع ۾ صحيحون ڪيون وينديون. گڏيل نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف بي??ار??س جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ سندس وفد جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته بي??ار??س جو صدر 8 سالن کانپوءِ ٻيهر پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، هو پاڪستان جي عظيم دوست، ڏاهي ۽ بصيرت رکندڙ اڳواڻ آهي، پاڪستان جي عوام بي??ار??س کي پنهنجو ويجهو دوست سمجهي ٿو ۽ ان جي تعاون تي ٿورائتو ۽ قيادت کي احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان بي??ار??س جي صدر جو ٻيو گهر آهي، سندس دوري دوران نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، بي??ار??س جي صدر جي خيالن ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم ۽ معاهدا اسان جي لاءِ حوصلي جوڳا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ?? ڳالهه ٻولهه ۾ سيڙپڪاري، واپار، سياحت، دفاع سميت ٻين ??هم شعبن ۾ تعاون ۽ اهم معاملن جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته بي??ار??س سان ٿيندڙ معاهدن کي فوري عملي جامعو پارايو ويندو جڏهن ته هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. هن چيو ته ٻنهي طرفن کان گڏجي روڊ ميپ کي حتمي شڪل ڏينداسين، زرعي م??ينري ۽ آءِ ٽي، معدنيات ۾ تعاون وڌائڻ ۽ جوائنٽ وينچر کي فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٻن هفتن کانپوءِ ٻيهر ٻنهي طرفن جي ٽيمن جي ملاقات ٿيندي ۽ ان ڳالهه ٻولهه کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ حتمي قدم کنيا ويندا جنهن کانپوءِ فيبروري 2025ع ۾ بي??ار??س ۾ بي??ار??س جو صدر ۽ آئون انهن معاهدن تي صحيحون ڪنداسين ۽ انهن کي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ عملي جامعو پارائينداسين. اسان هڪ ٻئي جي سگهه ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، غزه ۾ عورتن ٻارن سميت 45 هزار ماڻهو شهيد ڪيا ويا آهن، شهر جا شهر تباهه ڪيا پيا وڃن، گڏيل قومن جي قرارداد ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي باوجود سيز فائر نه ٿي سگهيو. هن چيو ته بي??ار??س مان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جدوجهد جي حمايت تي ٿورائتا آهيون. 75 سال گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق نه ڏنو ويو، هن خطي جي امن جي لاءِ ڪشمير جي تڪرار جو حل لازمي آهي. بي??ار??س جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت پاران سندس شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۽ بي??ار??س جي وچ ?? مضبوط لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي طرفن کان ڳالهه ٻولهه دوران مستقبل جي روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ ڪيترن ئي م??اهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. شهباز شريف سان ملاقات دوران کيس عملي ۽ بهترين ??نسان ڏٺو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي م??بت سوچ اسان جا معترف آهيون، وزيراعظم ملاقات دوران معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ته فيبروري ۾ انهن معاهدن تي باقاعده صحيحون ٿينديون. بي??ار??س جي صدر چيو ته اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب جديد منصوبن تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو، اسان هڪ نئين ??وڊ ميپ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ان ۾ اسان جديد ضرورتن تي غور ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۽ بي??ار??س جي وچ ?? 30 سالن کان سفارتي لاڳاپا قائم آهن، اسان کي سفارتڪاري ۾ تعميري قدمن کي اڳتي وڌائڻو پوندو، تازي دوري دوران ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ ڪوريڊور ۾ شرڪت سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، عوامي بهتري جي منصوبن تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ٻئي روانگي واپار مان بي??ار??س فائدو کڻندو، اسان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهون ٿا، زراعت ۽ دفاعي پيداوار ۾ تعاون وڌائڻو پوندو.